26 جون، 2021

ڪورونا ويڪسين افواہ، خدشا ۽ حقيقتون


 

ھونئن ته پاڪستان ۾ پھريون ڪيس گذريل سال فيبروري جي آخر ۾ رپورٽ ٿيو ھيو پر انکان ڪجھ مھينا اڳ چين جي شھر ووھان ۾ ھن خطرناڪ ۽ اڄ تائين دنيا ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻھن کي موت جي ننڊ سمھاريندڙ  وائرس جنم ورتو ۽ ڏسندي ڏسندي پوري دنيا کي پنھنجي گھيري ۾ آڻي ھن وقت تائين ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڻھن کي بغير ڪنھن رنگ، نسل، ذات پات، مذھب وغيره جي فرق جي  سڌي يا اڻ سڌي طرح اثرانداز ٿي ڪري ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان روھنڊيو آھي. ھن وقت دنيا سان گڏ اسين  ڪورونا وبا جي مختلف لھرن ۾ شڪار ٿيا آھيون. جڏھن دنيا کي ڏسون ٿا ته ڪجھ لمحن جي لاءِ سڪون محسوس ڪريون ٿا ته ڪجھ نامعلوم سببن سبب اسين ڪنھن ايران، اٽلي، آمريڪا، انڊيا يا برازيل جھڙن منظرن مان ناھيون گذريا تنھن ھوندي به ڪورونا جي انگن اکرن جي دنيا ۾ اڄ به اسان جا حالات اھڙا بھتر به ناھن جن تي فخر ڪجي.

گذريل سال جنھن وقت ڪورونا جوڀن تي ھيو ۽ ھڪ طرف ڪورونا مريضن کي صرف سنڀالڻ ئي وڏو مسئلو ھيو انھي وقت ٻي پاسي ھن موذي وائرس ۽ مرض جو ٽوڙ ڪڍڻ لاءِ دنيا جا وڏا وڏا ريسرچ مرڪز حرڪت ۾ ھيا، ڪنھن کي ڪا خبر ڪونه ھئي ته ھن وائرس خلاف ڪڏھن ڪا ويڪسين يا دوا ٺھندي؟ ڇو ته ھڪ نئون وائرس، نئون مرض، ۽ روز روز نيون علامتون ھڪ وڏو چئلينج ھيو، پر انسان وڏي شي آھي،  دنيا جي وڏي ريسرچ دواساز ادارن جھڙوڪ  فائيزر، آڪسفورڊ، آسٽرازينيڪا، گليڪسوسمٿڪلائين، اوينٽس ۽ ڪجھ روسي توڙي چيني ڪمپنين ڏينھن رات ھڪ ڪري ايمرجنسي جي بنيادن تي ريسرچ جو ڪم شروع ڪيو ۽ ڇھن ستن مھينن جي تمام گھٽ وقت اندر ويڪسين کي ٽرائيل لاءِ پيش ڪري ڇڏيو. جيڪا ميڊيڪل ۽ ريسرچ سائينس جي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي ھئي. بيشڪ ھڪ طرف ته اھي دواساز ۽ ريسرچ ادارا پنھنجي وڌ کان وڌ  منافعي جي لاءِ ھڪ ٻي کان گوئي کٽڻ واري صورتحال ۾ ھئا ۽ آھن ته ٻي پاسي انھي گوئي واري صورتحال عام ماڻھن جي لاءِ دردن جو درمان مھيا ڪيو ۽ ڪورونا جھڙي مھلڪ ۽ موتمار وائرس جي خلاف ھڪ نه پر ڪافي ڪمپنين ڪامياب ٽرائيل ۽ مختلف مرحلن کان ڪامياب ٿيندي نيٺ ڪورونا وبا سبب نا اميد ٿيل انسان ذات کي ھڪ اميد ۽ آسرو ڏنو. سڀ کان پھريان آڪسفورڊ ۽ آسٽرازينيڪا، پوئي فائيزر، چين جي  سائنوفارم، سائينووڪ، بايووڪ، روس جي اسپنٽڪ وي ۽ ھاڻ چين ۽ پاڪستان جي تعاون سان ٺھندڙ ويڪسين پاڪ وڪ  وغيره جھڙيون ويڪسين ميدان ۾ اچي ويون ۽ ڏسندي ڏسندي گذريل سال ڊسمبر کان ڪورونا کان خوفزده  انساني رڳن ۾ ڊوڙڻ شروع ڪيو.

جڏھن وائرس ڦھلجڻ شروع ٿيو ھيو ته انسانن کي ڪا راھ نظر ڪونه پئي آئي ته ٻيلي ھاڻ ڪجھ ٿيندو بلڪه اھو يقين ٿي ويو ھيو ته انسان فنا آھي ۽ ھاڻ شايد آخري وقت آھي. ۽ جڏھن انھي مايوسين جي وقت ۾ ويڪسين جي شڪل ۾ اميدن جي چڻنگ نظر آئي ته الله ڀلو ڪري انساني فطرتن جو، ھميشه وانگر مختلف افواھن ۽ ڏند ڪٿائن منھن ڪڍيو ۽ ريسرچ جي دنيا جي ايڏي وڏي جدوجھد ۽ اڻٿڪ محنت سبب آيل ويڪسين  به انھن بي سبب ۽ بي معني افواھن جي ور ڇڙھي ويئي. ڪجھ ماڻھن جو خيال آھي ته ويڪسين دراصل مغربي ۽ سامراجي قوتن جو وڇايل ڄار آھي جيڪي پنھنجي برتري کي برقرار رکڻ جي لاءِ اسان انسانن خاص طور مسلمانن جي نامرد ٿيڻ جي ڪري نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، ڪجھ ماڻھو وري چون ٿا دراصل ھي گورن جو انسانن کي ڪنٽرول ڪرڻو جو ذريعو آھي جنھن جي ڪري ويڪسين جي صورت ۾ انسانن ۾ چپ انسٽال ڪئي پئي وڃي جنھن کان پوئي انسان ٽريس ٿي سگھندو، ڪجھ ماڻھن تي مورڳو حد ئي ڪري ڇڏي ته بمطابق ھڪ نوبيل پرائيز ڊاڪٽر جي ، ھن ويڪسين کي لڳرائڻ کان پوئي انسان ٻن سالن اندر مري ويندو جنھن جي ڪافي حوالا به ڏنا ويا. انھن افواھن واري ٻڙڌڪ ۾ ھڪ طبقو اھڙو به آھي جيڪو ڪنھن روسي حوالي کي سامھون رکي ڪري انھي ڳالھ جو قائل آھي ته ھي ڪورونا اصل ۾ ڪجھ به ناھي بلڪي انساني رت جو ڄمي وڃڻ آھي جنھن جي لاء بس اسپرين يا ڊسپرين گوري کائو ۽ ڪورونا کي مات ڏيو.

اسان وٽ ھڪ اھڙو به انساني فرقو آھي جنھن مطابق ويڪسين لڳرائڻ کان پوئي انجي سائيڊ افيڪٽ سبب انسان اپھاج ٿيو وڃي. سائنسي بنيادن تي اگر پرکجي ته مٿي ڏنل افواهه ۽ ڏند ڪٿائون ڪنھن به صورت ۽ حيثيت ۾ ڪنھن بہ اھميت جون حامل ناھن ۽ نه وري ڪو مستند جواز آھن ڇو ته اسان وٽ ڪا به دوا يا ويڪسين اھڙي ڪونھي ڪا جيڪا دواساز ڪمپني ٺاھي ھجي ۽ سڌو ماڻھن وٽ استعمال جي لاء پھتي ھجي. ھر دوا چاھي اھا ويڪسين ھجي يا ڪا ٻي ان کي ماڻھن جي استعمال کان پھريان ايف ڊي اي سميت مختلف ادارن کان تصديق ٿيڻو پوندو آھي.  پر انسانن جي گھڻائي  ازل کان ڪنن جو ڪچو، وھمي و گماني آھي جيڪو بغير ڪنھن تصديق جي ھر انھي ڳالھ کي جلدي قبولي وٺندو آھي جنھن ۾ کيس نقصان جو انديشو ھجي. پوئي ڀل اھا حقيقت ئي نه ھجي. 

اسان وٽ پاڪستان ۾ گھڻي ڀاڱي بلڪي اڄ تائين لڳندڙ ويڪسين جي گھڻائي چيني ۽ ڪجھ آسٽرازينيڪا ۽ ڪجھ فائيزر جي آھي جيڪي اسانکي عطيه طور مليون آھن يا ملن پيون. پاڪستان ۾ سڀ کان پھريان چيني ويڪسين ساينوفارم ء سائينوڪ جي نالن سان مليون ء ھن سال فيبروري ۾ صحت کاتي سان واسطو رکندڙ ۽ ڪورونا خلاف جنگ ۾ وڙھندڙ جانثارن کي لڳايون ويو ڇوته آھي صحت کاتي سان منسلڪ ماڻھو ڪورونا جي متاثر ماڻھن سان سڌو سنئون رابطي ۾ ھيا. جنھن کانپوء ستر سالن کان مٿي جي عمر کان شروع ٿيندي ھاڻ جون کان ارڙھن سالن جي نوجوانن کي ويڪسين لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي ۽ گذريل چار پنج مھينن ۾ پاڪستان ۾ ھڪ ڪروڙ ۽ ڏھ لکن جي ويجھو ماڻھن کي ويڪسين لڳي چڪي آھي جنھن ۾ اٺاويھ لک ماڻھو آھي آھن جن کي مختلف ويڪسين جا ٻئي ڊوز لڳي چڪا آھن پر عجب جي انتھا ۽ بدقسمتي اھا آھي ته مفت ۾ لڳندڙ ڪورونا جي ويڪسين ھڻائڻ لاءِ اسانجو ماڻھو تيار ناھي، اڻ پڙھيل ۽ گھٽ پڙھيل ته پري جي ڳالھ آھي پر اسانجو لکيل پڙھيل ۽ باشعور ماڻھو به ذھني طور تي ويڪسين ھڻائڻ کان لنوائي پيو، حالانڪه وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ماڻھن جي سڄاڳي جي لاءِ پرنٽ ، اليڪٽرانڪ توڙي سوشل ميڊيا ذريعي ڪافي مھميون ھلايون آھن پر اڃا تائين اھي ڪارآمد ٿيندي نظر نه پيون اچن. 

ھنن آرٽيڪل جي ذريعي اوھانکي ڪورونا خلاف لڳندڙ ويڪسين بابت انگن اکرن سان ڪجھ حقيقتون اوھان سان ونڊ ڪجن ٿيون،  ٿي سگھي ٿو اھي حقيقتون انھن دوستن جي سوچ ۾ ڪجھ تبديلي آڻين جيڪي ڪرونا خلاف ويڪسين جي حوالي سان ڪنھن پڏتر جو شڪار آھن. اسرائيل دنيا جو واحد ملڪ آھي جتي 63 سيڪڙو آبادي کي ويڪسين لڳي چڪي آھي. ٻين ملڪن ۾ برطانيہ 61 سيڪڙو، آمريڪا 52سيڪڙو، ڀارت 14سيڪڙو، روس 13 سيڪڙو، جپان 13سيڪڙو، بنگلاديش 3.5سيڪڙو جڏھن ته پاڪستان 3.3 سيڪڙو آھي. صرف آمريڪا ۾ 307 ملين، ڀارت 243 ملين، برازيل 77 ملين، برطانيہ 70ملين، جرمني 60ملين، ڪينيڊا 29 ملين ۽ اسين پاڪستان 10 ملين ماڻھن کي ڪورونا خلاف ويڪسين جو گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڊوز لڳي چڪو آھي. مجموعي طور تي آمريڪا ۾ 142 ملين، ڀارت 46 ملين، برطانيه 29 ملين، روس 14 ملين، بنگلاديش 4.5 ملين ۽ پاڪستان ۾ 2.8 ملين ماڻھن کي ويڪسين جا ٻئي ڊوز لڳي چڪا آھن. جنھن جو صاف صاف مطلب اھو ٿيو ته دنيا ۾ ڪروڙن جي تعداد ۾ ڪورونا خلاف ويڪسين جا ڪروڙين ڊوز لڳي چڪا آھن ۽ اڃا لڳن به پيا. انگن اکرن جي مدد سان ڪورونا ويڪسين جي حوالي سان ھڪ ٻيو زاويو به آھي جنھن سان اسان جنھن جنھن ملڪ ۾ ويڪسين گھڻي تعداد ۾ لڳي چڪيون آھن اتي جي ماڻھن جي ويڪسين جي حوالي سان قبوليت کي پرکينداسين. انگن اکرن موجب ڪينيڊا ۾ 75 سيڪڙو ماڻھو ويڪسين لڳرائڻ جي حق ۾ آھن جنھن مان 58 سيڪڙو کي ويڪسين لڳي چڪي آھي، جڏھن ته 18سيڪڙو ماڻھو اڃا سوچ ويچار ۾ آھن. برطانيه ۾ 84 سيڪڙو ماڻھو ويڪسين لڳرائڻ جي حق ۾ آھن 58 سيڪڙو کي ويڪسين لڳي چڪي ، 26 سيڪڙو انتظار ۾ آھن جڏھن ته صرف 12 سيڪڙو ماڻھو ھا نه واري ڪيفيت ۾ آھن، اھڙي طرح آمريڪا ۾ 61 سيڪڙو عوام ويڪسين لڳائڻ جي حق ۾ آھي جنھن ۾ 11سيڪڙو ماڻھن کي ويڪسين لڳي چڪي آھي.

اسين سڀ ھڪ ڳالھ جا تہ قائل آھيون ، ماسڪ پايو، وٿي سان رھو ۽ ھٿن کي باربار صاف ڪريو پر ھاڻ اسانکي پنھنجي توڙي پنھنجن پيارن جي لاءِ انھي ڳالھ جي لاءِ به چاھيندي يا ناچاھيندي قائل ٿيڻو پوندو ته ڪورونا ۾ ماسڪ، وٿي، ھٿ ڌوئڻ سان گڏ ويڪسين به ڪرايون. مارڪيٽ ۾ ڪورونا ويڪسين خلاف آيل افواھون ۽ ڏند ڪٿائن جو حقيقتن سان ڪنھن به قسم جو ڪو تعلق ناھي ۽ نه وري ائين ڪجھ آھي جھڙو ٻڌايو پيو وڃي. ھا حقيقت اھا آھي ته ويڪسين لڳڻ کانپوئي ٿي سگھي ٿو ڪجھ ماڻھن کي شايد بخار اچي پر اھو بخار ڪورونا واري بخار کان سو دفعا ڀلو آھي ڇوته اھو بخار ھڪ صحتمند زندگي ڏانھن وٺي ويندو ۽ ڪورونا وارو بخار گھڻو ڪري موت ڏانھن وٺي ويندو. ٻي صورت ۾ حڪومت وٽ ڪافي اھڙا طريقا به آھن جن سان ھرڪو ناچاھيندي به ويڪسين ڪرائيندو، جھڙوڪ سرڪاري توڙي پرائيويٽ ادارن ۾ پگھار بند ڪرڻ، سمون بلاڪ ڪرڻ، شناختي ڪارڊ ، اي ٽي يم ڪارڊ، ڊارئيونگ لائسنس ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ، ھوائي سفر تي پابندي سميت کوڙ اھڙا آپشن آھن جيڪي استعمال ڪري سگھجن ٿا. ڪورونا ويڪسين اسان مان ھر اھو ماڻھو لڳرائي سگھي ٿو جنھن جي عمر گھٽ ۾ گھٽ ارڙھن سال آھي. حمل واريون عورتون ۽ ٿڃ پياريندڙ مائرون به ھن ويڪسين کي بغير ڪنھن خوف جي لڳرائي سگھن ٿيون، آھي ماڻھو جن کي ڪورونا ٿي آھي۽ چوڏھن ڏينھن آئسوليشن ۾ گذاري چڪا آھن، آھي به 28 ڏينھن کان پوئي ويڪسين لڳرائي سگھن ٿا. اھي ماڻھو جن جو جسماني مدافعتي نظام ڪنھن بيماري سبب ڪمزور آھي انھن کي ويڪسين لڳرائڻ کان پرھيز ڪرڻ گھرجي يا پنھنجي ڊاڪٽر سان صلاح مشوري بعد ويڪسين ڪرائڻ گھرجي. حڪومت کي به گھرجي ته ڪورونا خلاف لڳندڙ  ويڪسين  جي لاءِ پھرين فيز ۾ شھري آبادي کي قائل ڪرڻ جي لاءِ ڊاڪٽرن سان گڏ فارماسسٽس جون خدمتون حاصل ڪري علائقي مطابق ماڻھن کي سجاڳي ڏيارڻ لاءِ ڪئمپون لڳرائين ۽ اتي تي موبائل ٽيمن جي مدد سان موجود ماڻھن کي ويڪسين ڪرائين. اھڙي طرح شھري کان پوئي ويجھي ٻھراڙي ۽ بعد ۾ پري وارن علائقن کي فوڪس ڪيو وڃي. سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي تعاون سان سنڌ جي مختلف شھرن ۾ پرائيويٽ اسپتالن سان گڏ وڏن ميڊيڪل اسٽورن کي ڪواليفائيڊ فارماسسٽ جي نگراني ۾ سرڪاري طور تي عام ماڻھن ۾ مفت ڪورنا وائرس خلاف ويڪسين ڪرائڻ لاءِ مخصوص پوائنٽ طور استعمال ڪيو وڃي. جيتري گھڻي تعداد ۾ ماڻھو ويڪسين ڪرائيندا اوترو جلدي ئي ھن وبا مان جان ڇٽي ويندي ۽ ھڪ دفعو وري رونقون بحال ٿي وينديون.

Featured Blog

سال پڄاڻان ، سنڌ جي صحت کاتي جا حال

  اياز خاصخيلي ھن صدي جو ھڪ ڏکيو ، اڻ وڻندڙ ۽ ڪيئي سبق سيکاريندڙ سال 2020 پنھنجي آخري پساهن ۾ آھي. سڄو ملڪ پنھنجي جائي تي پر اسانجي آس پ...

Most Viewed Blog